شوبز

دام کان مس مارول تائين، ڪاميابين پويان ورهن جي محنت شامل

Written by Omair Alavi

ٿئيٽر کان ڪيرئر جو آغاز ڪرڻ کان پوءِ پهرين ڊراما، پوءِ ڊيجيٽل ۽ هاڻي فلم جي دنيا ۾ قدم رکڻ واري اداڪاره نمره بچا هر پليٽ فارم تي طبع آزمائي ڪئي آهي. تازو هن هڪ پاڪستاني فلم ڪملي ۽ امريڪي ويب سائٽ مس مارول ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن.

نمره بچا جو چوڻ آهي ته هوءَ اهو ئي ڪم ڪندي آهي جيڪو سندس دل کي ڀائيندو هجي. هوزياده تر گهر رهڻ پسند ڪندي آهي ۽ ٻارن سان گڏ وقت گزارڻ کي ترجيح ڏيندي آهي.

وائس آف امريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته کين هاڻي جيڪي ڪاميابيون ملي رهيون آهن انهن جي پٺيان ورهن جي محنت آهي. هڪ وقت هو جڏهن هوءَ صرف شوق خاطر ٿيٽر ڪندي هئي. ليڪن هاڻي صرف اهو ئي ڪم ڪندي آهي جيڪوسندن دل کي ڀائي.

هنن چيو ته هر روز ڪجهه نه ڪجهه نئون سکڻ جو موقعو ملندو آهي. ليڪن، ڪڏهن ڪڏهن پراڻو وقت به ياد ايندو آهي. ٻن سالن دوران هن ويب سيريز چڙيل ۽ قاتل حسيناون ڪي نام ۾ جيتري مشقت ڪئي آهي ايتري 20 سالن جي اداڪاريءَ جي دوران نه ڪئي هوندي.

نمره بچا تازو ئي ريليز ٿيل پاڪستاني فلم ڪملي ۾ مصوره جي روپ ۾ نظر آئي. پنهنجي ڪردار جي باري ۾ هن ٻڌايو ته ڪمليءَ ۾ هن ۽ ساٿي فن ڪارن جنهن محنت سان ڪم ڪيو اهڙو ڪم پاڪستاني اسڪرين تي ڏاڍو گهٽ ٿيو آهي.

سندس بقول، منهنجي نزديڪ ڪو ڪردار مضبوط يا ڪمزور نه ٿيندو آهي. مون کي خوشي آهي ته ڪملي جهڙي فلم ۾ اهڙو ڪردار ڪرڻ جو موقعو مليو جنهن جا گهڻا ئي پهلو آهن.

هدايت ڪار سرمد کوسٽ جي فلم ڪمليءَ جي ڪهاڻي ٽن عورتن جي گرد گهمي ٿي، جن جا حالات هڪ ٻئي کي پاڻ ۾ جوڙي رکندا آهن. هن فلم ۾ نمره بچا کان علاوه اداڪاره ثانيه سعيد ۽ صبا قمر به اداڪاري ڪئي آهي.

دام کان مس مارول تائين جو سفر

اداڪاره نمرو بچا سنه 2010۾ ڊراما سيريل دام جي ذريعي ٽيلي ويزن تي پهتي. هن ڊرامي ۾ هن جو ساٿ اداڪار همايون سعيد، اداڪاره صنم بلوچ، آمنه شيخ ۽ عديل حسين ۽ ٻين ڏنو، هيءُ ڊرامو ڪافي مقبول ٿيو هو جنهن ۾ نمره بچا جي اداڪاريءَ کي پسند ڪيو ويو هو.

نمره جو چوڻ آهي ته دام کان وٺي مس مارول تائين هن جيترو ڪم ڪيو سڀ پنهنجي خوش قسمتي سمجهي ڪيو هيائين. جيڪڏهن ڪو ڪجهه عرصو اڳ کيس کان پڇي ها ته ڇا هوءَ مس مارول جو حصو بڻجڻ چاهنيدي ته کيس يقين نه اچي ها.

ان جي بقول، گزريل سال منهنجي پٽ کي شڪايت هئي ته فلمن ۽ ٽيلي وزن تي ڪو برائون هيرو ڇونه هوندو آهي؟ هاڻي مان هڪ برائون سپر هيرو واري امريڪي ويب سيريز جو حصو آهيان جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا سان تعلق رکڻ وارن کي نمائندگي ڏني وئي آهي.

اداڪاره جو چوڻ آهي ته مس مارول جو حصو بڻجڻ اسان سڀني جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ۽ کيس ان سيريز ۾ ڪم ڪرڻ هميشه ياد رهندو. هن اهو به چيو ته هدايت ڪاره شرمين عبيد چنائي مارول ۽ پاڪستاني اداڪارن جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪيو آهي.

نمره بچا ٻڌايو ته هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ تائين سندس هڪ ٻي برٽش فلم به منظر عام تي ايندي، جنهن جو کيس بيچينيءَ سان انتظار آهي.

Omair Alavi – BOL News

About the author

Omair Alavi

عمیر علوی ایک بہت معزز صحافی، تنقید کار اور تبصرہ نگار ہیں جو خبروں، کھیلوں، شوبز، فلم، بلاگ، مضامین، ڈرامہ، جائزوں اور پی ٹی وی ڈرامہ میں مہارت رکھتے ہیں۔ وسیع تجربے اور داستان سوزی کی خصوصیت کے ساتھ، وہ اپنے دلچسپ تجزیوں اور دلکش تقریروں کے ذریعے حاضرین کو مسحور کرتے ہیں۔ ان کی ماہری اور تعاون نے انہیں میڈیا اور تفریحی صنعت کا اہم شخصیت بنا دیا ہے۔